زنانه مشن اسپتال

زنانه مشن اسپتال: زنانه مشن اسپتال سکر ۾ واقع آهي. هن اسپتال جو اصل نالو ’اليگزينڊرا‘ آهي. اسپتال جو بنياد 1888ع ڌاري رکيو ويو. هيءَ اسپتال چرچ آف انگلينڊ جي زيرنگراني ڪم ڪري رهي آهي. هن اسپتال جي عمارت پهريان ڪچي هئي بعد ۾ اتيِ ٻه ماڙ پڪ سري عمارت جوڙائي وئي. هن اسپتال ۾ بيمار عورتن جي بيمارين جي علاج ۽ آپريشن ڪرڻ جو به انتظام آهي. هن اسپتال جو ڪافي اسٽاف تجربيڪار ڊاڪٽرن تي مشتمل آهي. هن اسپتال جون فيون ۽ رهائش جا خرچ ڪجهه وڌيڪ آهن، جنهن ڪري صرف پئسي وارا ماڻهو ئي هتان فائدو پرائين ٿا. اسپتال جي ڀرسان هڪ ديول آهي ۽ سامهون ٽڪريءَ تي عيسائي مشنري جي جاءِ آهي. عيسائي مذهب جي تبليغ لاءِ به اسپتال جي سامهون دفتر موجود آهي، جتي عيسائيت تي ڪافي ڪتاب موجود آهن ۽ سستا وڪامن ٿا. ساڳيءَ ريت حيدرآباد ۾ به ’زناني اسپتال‘ آهي جنهن جو نالو ليڊي ڊفرن هاسپيٽل آهي، جيڪا اسپتال پڻ تمام پراڻي آهي ۽ انگريزن جي ٺهرايل آهي. ( ڏسندا: ليڊي ڊفرن اسپتال)


لفظ زنانه مشن اسپتالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو